Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hashr Ayahs #17 Translated in Sindhi

لَأَنْتُمْ أَشَدُّ رَهْبَةً فِي صُدُورِهِمْ مِنَ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَا يَفْقَهُونَ
(اي مُسلمانؤ!) بيشڪ اوھين اُنھن جي دلين ۾ الله کان (بہ) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري جو اُھي بي سمجھ قوم آھن
لَا يُقَاتِلُونَكُمْ جَمِيعًا إِلَّا فِي قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَوْ مِنْ وَرَاءِ جُدُرٍ ۚ بَأْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيدٌ ۚ تَحْسَبُهُمْ جَمِيعًا وَقُلُوبُهُمْ شَتَّىٰ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَا يَعْقِلُونَ
(سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان (ٻاھر ڪڏھن) ويڙھ نہ ڪندا، پر قلعي واري (مضبوط) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾ (ڪندا)، پاڻ ۾ اُنھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين (مصلحت ۾) گڏ ٿيل ڀانئيندو آھين، پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اِھو ھن ڪري جو اُھي بي عقل قوم آھن
كَمَثَلِ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيبًا ۖ ذَاقُوا وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
(سندن مثال) اُنھن جي مثال جھڙو آھي، جيڪي کانئن ڪجھ اڳ ھئا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
كَمَثَلِ الشَّيْطَانِ إِذْ قَالَ لِلْإِنْسَانِ اكْفُرْ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ إِنِّي بَرِيءٌ مِنْكَ إِنِّي أَخَافُ اللَّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
(ڪتاب وارن سان منافقن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي، جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي تہ ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي تہ بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان، آءٌ جھانن پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
فَكَانَ عَاقِبَتَهُمَا أَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الظَّالِمِينَ
پوءِ (شيطان ۽ ماڻھوءَ) ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي تہ ٻئي اُتي باھ ۾ ھميشہ ھوندا، ۽ اِھا ظالمن جي سزا آھي

Choose other languages: