Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hashr Ayahs #20 Translated in Sindhi

كَمَثَلِ الشَّيْطَانِ إِذْ قَالَ لِلْإِنْسَانِ اكْفُرْ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ إِنِّي بَرِيءٌ مِنْكَ إِنِّي أَخَافُ اللَّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
(ڪتاب وارن سان منافقن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي، جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي تہ ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي تہ بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان، آءٌ جھانن پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو
فَكَانَ عَاقِبَتَهُمَا أَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيهَا ۚ وَذَٰلِكَ جَزَاءُ الظَّالِمِينَ
پوءِ (شيطان ۽ ماڻھوءَ) ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي تہ ٻئي اُتي باھ ۾ ھميشہ ھوندا، ۽ اِھا ظالمن جي سزا آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي تہ سڀڪو شخص سوچي تہ سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ (وري بہ) الله کان ڊڄندا رھو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي
وَلَا تَكُونُوا كَالَّذِينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنْسَاهُمْ أَنْفُسَهُمْ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
۽ (اوھين) اُنھن جھڙا نہ ٿيو جن الله کي وساريو، پوءِ الله اُنھن کان سندن نفسن (جي سڌاري) کي وسارائي ڇڏيو، اِھي ئي بي دين آھن
لَا يَسْتَوِي أَصْحَابُ النَّارِ وَأَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۚ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ هُمُ الْفَائِزُونَ
دوزخي ۽ بھشتي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن

Choose other languages: