Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hashr Ayahs #22 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي تہ سڀڪو شخص سوچي تہ سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ (وري بہ) الله کان ڊڄندا رھو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو، تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي
وَلَا تَكُونُوا كَالَّذِينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنْسَاهُمْ أَنْفُسَهُمْ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
۽ (اوھين) اُنھن جھڙا نہ ٿيو جن الله کي وساريو، پوءِ الله اُنھن کان سندن نفسن (جي سڌاري) کي وسارائي ڇڏيو، اِھي ئي بي دين آھن
لَا يَسْتَوِي أَصْحَابُ النَّارِ وَأَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۚ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ هُمُ الْفَائِزُونَ
دوزخي ۽ بھشتي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن
لَوْ أَنْزَلْنَا هَٰذَا الْقُرْآنَ عَلَىٰ جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ اللَّهِ ۚ وَتِلْكَ الْأَمْثَالُ نَضْرِبُهَا لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا تہ ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجزي ڪندڙ، پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا ۽ اِھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا تہ منَ اُھي سوچ ڪن
هُوَ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ ۖ هُوَ الرَّحْمَٰنُ الرَّحِيمُ
الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق ئي نہ آھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي

Choose other languages: