Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #53 Translated in Sindhi

أَهَٰؤُلَاءِ الَّذِينَ أَقْسَمْتُمْ لَا يَنَالُهُمُ اللَّهُ بِرَحْمَةٍ ۚ ادْخُلُوا الْجَنَّةَ لَا خَوْفٌ عَلَيْكُمْ وَلَا أَنْتُمْ تَحْزَنُونَ
ھيءُ اُھي (ماڻھو نہ) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ تہ الله مٿن ٻاجھ نہ ڪندو (يعني بھشت ۾ نہ گھيڙيندن)؟ (اُنھن کي حڪم ٿيو آھي تہ) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نہ آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ
وَنَادَىٰ أَصْحَابُ النَّارِ أَصْحَابَ الْجَنَّةِ أَنْ أَفِيضُوا عَلَيْنَا مِنَ الْمَاءِ أَوْ مِمَّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ ۚ قَالُوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُمَا عَلَى الْكَافِرِينَ
۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) تہ ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا تہ الله اُھي ٻئي اُنھن ڪافرن تي حرام ڪيا آھن
الَّذِينَ اتَّخَذُوا دِينَهُمْ لَهْوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتْهُمُ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا ۚ فَالْيَوْمَ نَنْسَاهُمْ كَمَا نَسُوا لِقَاءَ يَوْمِهِمْ هَٰذَا وَمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَجْحَدُونَ
جن پنھنجي دين کي تماشو ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جيئن (اُنھن) پنھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جيئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھئا
وَلَقَدْ جِئْنَاهُمْ بِكِتَابٍ فَصَّلْنَاهُ عَلَىٰ عِلْمٍ هُدًى وَرَحْمَةً لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ بيشڪ اُنھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي ڄاڻ سان کولي بيان ڪيوسون ۽ اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن
هَلْ يَنْظُرُونَ إِلَّا تَأْوِيلَهُ ۚ يَوْمَ يَأْتِي تَأْوِيلُهُ يَقُولُ الَّذِينَ نَسُوهُ مِنْ قَبْلُ قَدْ جَاءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ فَهَلْ لَنَا مِنْ شُفَعَاءَ فَيَشْفَعُوا لَنَا أَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَيْرَ الَّذِي كُنَّا نَعْمَلُ ۚ قَدْ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
(ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھن تہ اُن (جي وعدي) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو ھو سي چوندا تہ بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا (ڪين) آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون تہ جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي نقصان لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀلجي ويو

Choose other languages: