Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #56 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ جِئْنَاهُمْ بِكِتَابٍ فَصَّلْنَاهُ عَلَىٰ عِلْمٍ هُدًى وَرَحْمَةً لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ بيشڪ اُنھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي ڄاڻ سان کولي بيان ڪيوسون ۽ اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن
هَلْ يَنْظُرُونَ إِلَّا تَأْوِيلَهُ ۚ يَوْمَ يَأْتِي تَأْوِيلُهُ يَقُولُ الَّذِينَ نَسُوهُ مِنْ قَبْلُ قَدْ جَاءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ فَهَلْ لَنَا مِنْ شُفَعَاءَ فَيَشْفَعُوا لَنَا أَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَيْرَ الَّذِي كُنَّا نَعْمَلُ ۚ قَدْ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
(ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نہ ڪندا آھن تہ اُن (جي وعدي) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو ھو سي چوندا تہ بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا (ڪين) آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون تہ جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي نقصان لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀلجي ويو
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ يُغْشِي اللَّيْلَ النَّهَارَ يَطْلُبُهُ حَثِيثًا وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ وَالنُّجُومَ مُسَخَّرَاتٍ بِأَمْرِهِ ۗ أَلَا لَهُ الْخَلْقُ وَالْأَمْرُ ۗ تَبَارَكَ اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجہ ٿيو، رات سان ڏينھن کي ڍڪيندو آھي (وري ڏينھن) اُن جي ڪڍ جلد ايندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار الله وڏي برڪت وارو آھي
ادْعُوا رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ
پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھيءَ طرح سڏيو ڇو تہ اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
وَلَا تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَاحِهَا وَادْعُوهُ خَوْفًا وَطَمَعًا ۚ إِنَّ رَحْمَتَ اللَّهِ قَرِيبٌ مِنَ الْمُحْسِنِينَ
۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نہ وجھو ۽ اُن (الله) کي ڀوائتا ۽ آسائتا ٿي سڏيو، ڇو تہ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي

Choose other languages: