Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #194 Translated in Sindhi

فَلَمَّا آتَاهُمَا صَالِحًا جَعَلَا لَهُ شُرَكَاءَ فِيمَا آتَاهُمَا ۚ فَتَعَالَى اللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
پوءِ جنھن مھل انھن کي صالح (پٽ) ڏيندو آھي (تنھن مھل) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شئي کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله (جو شان) مٿاھون آھي
أَيُشْرِكُونَ مَا لَا يَخْلُقُ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
(ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن
وَلَا يَسْتَطِيعُونَ لَهُمْ نَصْرًا وَلَا أَنْفُسَهُمْ يَنْصُرُونَ
۽ نڪي اُنھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن
وَإِنْ تَدْعُوهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ لَا يَتَّبِعُوكُمْ ۚ سَوَاءٌ عَلَيْكُمْ أَدَعَوْتُمُوهُمْ أَمْ أَنْتُمْ صَامِتُونَ
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ تہ اوھان جي تابعداري نہ ڪندا، اوھان تي برابر آھي تہ اُنھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو
إِنَّ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ ۖ فَادْعُوهُمْ فَلْيَسْتَجِيبُوا لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو تہ انھن کي سڏيو، تہ پوءِ ڀَلي اوھان کي ورندي ڏين

Choose other languages: