Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #49 Translated in Sindhi

وَنَادَىٰ نُوحٌ رَبَّهُ فَقَالَ رَبِّ إِنَّ ابْنِي مِنْ أَهْلِي وَإِنَّ وَعْدَكَ الْحَقُّ وَأَنْتَ أَحْكَمُ الْحَاكِمِينَ
۽ نوح پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار! منھنجو پٽ (بہ) منھنجي گھر وارن مان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين
قَالَ يَا نُوحُ إِنَّهُ لَيْسَ مِنْ أَهْلِكَ ۖ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيْرُ صَالِحٍ ۖ فَلَا تَسْأَلْنِ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِ عِلْمٌ ۖ إِنِّي أَعِظُكَ أَنْ تَكُونَ مِنَ الْجَاهِلِينَ
(الله) فرمايو تہ اي نوح! اُھو تنھنجي گھر وارن مان نہ آھي، ڇو تہ اُھو اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي تو کي ڪا خبر نہ آھي تنھن بابت مون کان (ڪجھ) نہ گھر، آءٌ تو کي نصيحت ڪريان ٿو تہ متان جاھلن مان ٿئين
قَالَ رَبِّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ أَنْ أَسْأَلَكَ مَا لَيْسَ لِي بِهِ عِلْمٌ ۖ وَإِلَّا تَغْفِرْ لِي وَتَرْحَمْنِي أَكُنْ مِنَ الْخَاسِرِينَ
(نوح) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نہ آھي تنھن بابت تو کان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نہ بخشيندين ۽ رحم نہ ڪندين تہ خساري وارن مان ٿيندس
قِيلَ يَا نُوحُ اهْبِطْ بِسَلَامٍ مِنَّا وَبَرَكَاتٍ عَلَيْكَ وَعَلَىٰ أُمَمٍ مِمَّنْ مَعَكَ ۚ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُمْ ثُمَّ يَمَسُّهُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
چيو ويو تہ اي نوح! اسان جي طرف کان سلامتيءَ ۽ برڪتن سان لھ جي تو تي ھجن ۽ اُنھن ٽولين تي (بہ) جيڪي تو ساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي (ڪجھ دنيوي) فائدو ڏينداسون وري اُنھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو
تِلْكَ مِنْ أَنْبَاءِ الْغَيْبِ نُوحِيهَا إِلَيْكَ ۖ مَا كُنْتَ تَعْلَمُهَا أَنْتَ وَلَا قَوْمُكَ مِنْ قَبْلِ هَٰذَا ۖ فَاصْبِرْ ۖ إِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِينَ
اِھي (قصا) ڳجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي تون) ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، ڇو تہ (يقيناً) پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي

Choose other languages: