Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #52 Translated in Sindhi

قِيلَ يَا نُوحُ اهْبِطْ بِسَلَامٍ مِنَّا وَبَرَكَاتٍ عَلَيْكَ وَعَلَىٰ أُمَمٍ مِمَّنْ مَعَكَ ۚ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُمْ ثُمَّ يَمَسُّهُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
چيو ويو تہ اي نوح! اسان جي طرف کان سلامتيءَ ۽ برڪتن سان لھ جي تو تي ھجن ۽ اُنھن ٽولين تي (بہ) جيڪي تو ساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي (ڪجھ دنيوي) فائدو ڏينداسون وري اُنھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو
تِلْكَ مِنْ أَنْبَاءِ الْغَيْبِ نُوحِيهَا إِلَيْكَ ۖ مَا كُنْتَ تَعْلَمُهَا أَنْتَ وَلَا قَوْمُكَ مِنْ قَبْلِ هَٰذَا ۖ فَاصْبِرْ ۖ إِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِينَ
اِھي (قصا) ڳجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي تون) ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، ڇو تہ (يقيناً) پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي
وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا مُفْتَرُونَ
۽ عاد وارن ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو
يَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
اي منھنجي قوم! اوھان کان ھن (پيغام پھچائڻ تي) ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو اُنھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟
وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِينَ
۽ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو تہ اوھان تي لڳو لڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي طاقت مٿي طاقت وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نہ ڦيريو

Choose other languages: