Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #53 Translated in Sindhi

تِلْكَ مِنْ أَنْبَاءِ الْغَيْبِ نُوحِيهَا إِلَيْكَ ۖ مَا كُنْتَ تَعْلَمُهَا أَنْتَ وَلَا قَوْمُكَ مِنْ قَبْلِ هَٰذَا ۖ فَاصْبِرْ ۖ إِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِينَ
اِھي (قصا) ڳجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي تون) ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، ڇو تہ (يقيناً) پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي
وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا مُفْتَرُونَ
۽ عاد وارن ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو
يَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
اي منھنجي قوم! اوھان کان ھن (پيغام پھچائڻ تي) ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو اُنھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟
وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِينَ
۽ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو تہ اوھان تي لڳو لڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي طاقت مٿي طاقت وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نہ ڦيريو
قَالُوا يَا هُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِي آلِهَتِنَا عَنْ قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
چيائون تہ اي ھود! اسان وٽ ڪوئي دليل نہ آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ سان پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نہ آھيون ۽ نڪي اسين تو کي مڃيندڙ آھيون

Choose other languages: