Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #54 Translated in Sindhi

وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا مُفْتَرُونَ
۽ عاد وارن ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو
يَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
اي منھنجي قوم! اوھان کان ھن (پيغام پھچائڻ تي) ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو اُنھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟
وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِينَ
۽ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو تہ اوھان تي لڳو لڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي طاقت مٿي طاقت وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نہ ڦيريو
قَالُوا يَا هُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِي آلِهَتِنَا عَنْ قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
چيائون تہ اي ھود! اسان وٽ ڪوئي دليل نہ آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ سان پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نہ آھيون ۽ نڪي اسين تو کي مڃيندڙ آھيون
إِنْ نَقُولُ إِلَّا اعْتَرَاكَ بَعْضُ آلِهَتِنَا بِسُوءٍ ۗ قَالَ إِنِّي أُشْهِدُ اللَّهَ وَاشْهَدُوا أَنِّي بَرِيءٌ مِمَّا تُشْرِكُونَ
اسين تو کي رڳو (ھيءَ ڳالھ) چئون ٿا تہ اسان جي ڪِن بُتن (شايد) تو کي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين بہ شاھد ھُجو تہ آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو

Choose other languages: