Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #55 Translated in Sindhi

يَا قَوْمِ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
اي منھنجي قوم! اوھان کان ھن (پيغام پھچائڻ تي) ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو اُنھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟
وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِينَ
۽ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبھ ڪريو تہ اوھان تي لڳو لڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي طاقت مٿي طاقت وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نہ ڦيريو
قَالُوا يَا هُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِي آلِهَتِنَا عَنْ قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
چيائون تہ اي ھود! اسان وٽ ڪوئي دليل نہ آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ سان پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نہ آھيون ۽ نڪي اسين تو کي مڃيندڙ آھيون
إِنْ نَقُولُ إِلَّا اعْتَرَاكَ بَعْضُ آلِهَتِنَا بِسُوءٍ ۗ قَالَ إِنِّي أُشْهِدُ اللَّهَ وَاشْهَدُوا أَنِّي بَرِيءٌ مِمَّا تُشْرِكُونَ
اسين تو کي رڳو (ھيءَ ڳالھ) چئون ٿا تہ اسان جي ڪِن بُتن (شايد) تو کي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين بہ شاھد ھُجو تہ آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو
مِنْ دُونِهِ ۖ فَكِيدُونِي جَمِيعًا ثُمَّ لَا تُنْظِرُونِ
اُن (الله) ڌاران، پوءِ مون سان سڀئي رٿا ڪريو وري مون کي مُھلت نہ ڏيو

Choose other languages: