Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #109 Translated in Sindhi

يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِيٌّ وَسَعِيدٌ
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو تہ ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نہ ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا
فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ
پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باھ ۾ (گھڙندا) اُنھن کي منجھس رڙيون ۽ دانھون ھونديون
خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ فَعَّالٌ لِمَا يُرِيدُ
جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
وَأَمَّا الَّذِينَ سُعِدُوا فَفِي الْجَنَّةِ خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۖ عَطَاءً غَيْرَ مَجْذُوذٍ
۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا ۽) جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو اُن کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي
فَلَا تَكُ فِي مِرْيَةٍ مِمَّا يَعْبُدُ هَٰؤُلَاءِ ۚ مَا يَعْبُدُونَ إِلَّا كَمَا يَعْبُدُ آبَاؤُهُمْ مِنْ قَبْلُ ۚ وَإِنَّا لَمُوَفُّوهُمْ نَصِيبَهُمْ غَيْرَ مَنْقُوصٍ
تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نہ رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھئا اُن کانسواءِ اِھي نہ پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب جو) حصو پورو ڏيندڙ آھيون

Choose other languages: