Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #108 Translated in Sindhi

وَمَا نُؤَخِّرُهُ إِلَّا لِأَجَلٍ مَعْدُودٍ
۽ ٿورڙي مدت کانسواءِ ان کي نہ ٿا پٺتي ڪريون
يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِيٌّ وَسَعِيدٌ
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو تہ ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نہ ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا
فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ
پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باھ ۾ (گھڙندا) اُنھن کي منجھس رڙيون ۽ دانھون ھونديون
خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ فَعَّالٌ لِمَا يُرِيدُ
جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي
وَأَمَّا الَّذِينَ سُعِدُوا فَفِي الْجَنَّةِ خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۖ عَطَاءً غَيْرَ مَجْذُوذٍ
۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا ۽) جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو اُن کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي

Choose other languages: