Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #107 Translated in Sindhi

إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِمَنْ خَافَ عَذَابَ الْآخِرَةِ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمٌ مَجْمُوعٌ لَهُ النَّاسُ وَذَٰلِكَ يَوْمٌ مَشْهُودٌ
بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ اُنھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو آھي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا
وَمَا نُؤَخِّرُهُ إِلَّا لِأَجَلٍ مَعْدُودٍ
۽ ٿورڙي مدت کانسواءِ ان کي نہ ٿا پٺتي ڪريون
يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِيٌّ وَسَعِيدٌ
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو تہ ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نہ ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا
فَأَمَّا الَّذِينَ شَقُوا فَفِي النَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ
پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باھ ۾ (گھڙندا) اُنھن کي منجھس رڙيون ۽ دانھون ھونديون
خَالِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ السَّمَاوَاتُ وَالْأَرْضُ إِلَّا مَا شَاءَ رَبُّكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ فَعَّالٌ لِمَا يُرِيدُ
جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقاءَ ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي

Choose other languages: