Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #20 Translated in Sindhi

يَوْمَ هُمْ بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، اُنھن جي ڪابہ شئي الله کان ڳُجھي نہ رھندي (الله فرمائيندو تہ) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي؟ (وري پاڻ چوندو تہ) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي
الْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
اَڄ سڀڪنھن جِيءَ کي انھيءَ جو بدلو ڏبو، جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي
وَأَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْآزِفَةِ إِذِ الْقُلُوبُ لَدَى الْحَنَاجِرِ كَاظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
۽ (اي پيغمبر!) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل (سندين) دليون نِڙ گھٽن کي ويجھيون ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو پارت ڪندڙ ھوندو، جنھن جي ڳالھ مڃجي
يَعْلَمُ خَائِنَةَ الْأَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُورُ
اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن، سو (الله) ڄاڻندو آھي
وَاللَّهُ يَقْضِي بِالْحَقِّ ۖ وَالَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِهِ لَا يَقْضُونَ بِشَيْءٍ ۗ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن، سي ڪجھ بہ حُڪم نہ ڪندا آھن، ڇو تہ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي

Choose other languages: