Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #19 Translated in Sindhi

رَفِيعُ الدَّرَجَاتِ ذُو الْعَرْشِ يُلْقِي الرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِ عَلَىٰ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو (۽) عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي، (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي تہ (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري
يَوْمَ هُمْ بَارِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۚ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، اُنھن جي ڪابہ شئي الله کان ڳُجھي نہ رھندي (الله فرمائيندو تہ) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي؟ (وري پاڻ چوندو تہ) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي
الْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
اَڄ سڀڪنھن جِيءَ کي انھيءَ جو بدلو ڏبو، جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي
وَأَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْآزِفَةِ إِذِ الْقُلُوبُ لَدَى الْحَنَاجِرِ كَاظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّالِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
۽ (اي پيغمبر!) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل (سندين) دليون نِڙ گھٽن کي ويجھيون ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو پارت ڪندڙ ھوندو، جنھن جي ڳالھ مڃجي
يَعْلَمُ خَائِنَةَ الْأَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُورُ
اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن، سو (الله) ڄاڻندو آھي

Choose other languages: