Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #19 Translated in Sindhi

فَأَمَّا عَادٌ فَاسْتَكْبَرُوا فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَقَالُوا مَنْ أَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۖ أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّ اللَّهَ الَّذِي خَلَقَهُمْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۖ وَكَانُوا بِآيَاتِنَا يَجْحَدُونَ
پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون تہ سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سو سگھ ۾ کانئن وڌيڪ ڏاڍو آھي؟ ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِي أَيَّامٍ نَحِسَاتٍ لِنُذِيقَهُمْ عَذَابَ الْخِزْيِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَخْزَىٰ ۖ وَهُمْ لَا يُنْصَرُونَ
تنھنڪري منحوس ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون تہ کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تہ وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نہ ڏبي
وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَاهُمْ فَاسْتَحَبُّوا الْعَمَىٰ عَلَى الْهُدَىٰ فَأَخَذَتْهُمْ صَاعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُونِ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
۽ ثمود (قوم)، سو اُنھن کي (سڌو) رستو ڏيکاريوسون، پوءِ ھدايت کان انڌائيءَ کي پسند ڪيائون، پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي (سخت) ڪڙڪي کين پڪڙيو، انھيءَ ڪري جو (بڇڙائي) ڪمائيندا ھئا
وَنَجَّيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھئا تن کي بچايوسون
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَاءُ اللَّهِ إِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا، پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (سڀني جي گڏجڻ تائين) ترسايا ويندا

Choose other languages: