Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #21 Translated in Sindhi

وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَاهُمْ فَاسْتَحَبُّوا الْعَمَىٰ عَلَى الْهُدَىٰ فَأَخَذَتْهُمْ صَاعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُونِ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
۽ ثمود (قوم)، سو اُنھن کي (سڌو) رستو ڏيکاريوسون، پوءِ ھدايت کان انڌائيءَ کي پسند ڪيائون، پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي (سخت) ڪڙڪي کين پڪڙيو، انھيءَ ڪري جو (بڇڙائي) ڪمائيندا ھئا
وَنَجَّيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھئا تن کي بچايوسون
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَاءُ اللَّهِ إِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا، پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (سڀني جي گڏجڻ تائين) ترسايا ويندا
حَتَّىٰ إِذَا مَا جَاءُوهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَأَبْصَارُهُمْ وَجُلُودُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
تانجو جنھن مھل (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا، (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھئا تنھنجي مٿن شاھدي ڏينديون
وَقَالُوا لِجُلُودِهِمْ لِمَ شَهِدْتُمْ عَلَيْنَا ۖ قَالُوا أَنْطَقَنَا اللَّهُ الَّذِي أَنْطَقَ كُلَّ شَيْءٍ وَهُوَ خَلَقَكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ پنھنجين کَلُن کي چوندا تہ اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا تہ اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شئي کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري بہ) ڏانھس موٽائبؤ

Choose other languages: