Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #22 Translated in Sindhi

وَنَجَّيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھئا تن کي بچايوسون
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَاءُ اللَّهِ إِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا، پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (سڀني جي گڏجڻ تائين) ترسايا ويندا
حَتَّىٰ إِذَا مَا جَاءُوهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَأَبْصَارُهُمْ وَجُلُودُهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
تانجو جنھن مھل (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا، (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھئا تنھنجي مٿن شاھدي ڏينديون
وَقَالُوا لِجُلُودِهِمْ لِمَ شَهِدْتُمْ عَلَيْنَا ۖ قَالُوا أَنْطَقَنَا اللَّهُ الَّذِي أَنْطَقَ كُلَّ شَيْءٍ وَهُوَ خَلَقَكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ پنھنجين کَلُن کي چوندا تہ اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا تہ اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شئي کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري بہ) ڏانھس موٽائبؤ
وَمَا كُنْتُمْ تَسْتَتِرُونَ أَنْ يَشْهَدَ عَلَيْكُمْ سَمْعُكُمْ وَلَا أَبْصَارُكُمْ وَلَا جُلُودُكُمْ وَلَٰكِنْ ظَنَنْتُمْ أَنَّ اللَّهَ لَا يَعْلَمُ كَثِيرًا مِمَّا تَعْمَلُونَ
۽ اوھين پنھنجن ڪنن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان نہ لڪندا ھئو، پر اوھان (ايئن) ڀانيو ھو تہ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن مان گھڻو (احوال) الله نہ ڄاڻندو آھي

Choose other languages: