Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #57 Translated in Sindhi

وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ لَئِنْ أَمَرْتَهُمْ لَيَخْرُجُنَّ ۖ قُلْ لَا تُقْسِمُوا ۖ طَاعَةٌ مَعْرُوفَةٌ ۚ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
۽ الله جا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن تہ جيڪڏھن کين (جھاد جو) حُڪم ڪرين تہ ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين قسم نہ کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو (تنھن جي) الله خبر رکندڙ آھي
قُلْ أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ ۖ فَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْهِ مَا حُمِّلَ وَعَلَيْكُمْ مَا حُمِّلْتُمْ ۖ وَإِنْ تُطِيعُوهُ تَهْتَدُوا ۚ وَمَا عَلَى الرَّسُولِ إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
چئو تہ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ تہ جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو، تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو، (تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق) اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ تہ ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ (لازم) آھي
وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا مِنْكُمْ وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فِي الْأَرْضِ كَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُمْ دِينَهُمُ الَّذِي ارْتَضَىٰ لَهُمْ وَلَيُبَدِّلَنَّهُمْ مِنْ بَعْدِ خَوْفِهِمْ أَمْنًا ۚ يَعْبُدُونَنِي لَا يُشْرِكُونَ بِي شَيْئًا ۚ وَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله انجام ڏنو آھي تہ مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو، جيئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن اُنھيءَ دين کي جو اُنھن واسطي پسند ڪيو اٿس، اُنھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندن خوف کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا (۽) مون سان ڪنھن شئي کي شريڪ نہ ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن
وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
لَا تَحْسَبَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا مُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ ۚ وَمَأْوَاهُمُ النَّارُ ۖ وَلَبِئْسَ الْمَصِيرُ
ڪافرن کي نہ ڀانءِ تہ زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، البتہ اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي

Choose other languages: