Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #60 Translated in Sindhi

وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
لَا تَحْسَبَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا مُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ ۚ وَمَأْوَاهُمُ النَّارُ ۖ وَلَبِئْسَ الْمَصِيرُ
ڪافرن کي نہ ڀانءِ تہ زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، البتہ اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لِيَسْتَأْذِنْكُمُ الَّذِينَ مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ وَالَّذِينَ لَمْ يَبْلُغُوا الْحُلُمَ مِنْكُمْ ثَلَاثَ مَرَّاتٍ ۚ مِنْ قَبْلِ صَلَاةِ الْفَجْرِ وَحِينَ تَضَعُونَ ثِيَابَكُمْ مِنَ الظَّهِيرَةِ وَمِنْ بَعْدِ صَلَاةِ الْعِشَاءِ ۚ ثَلَاثُ عَوْرَاتٍ لَكُمْ ۚ لَيْسَ عَلَيْكُمْ وَلَا عَلَيْهِمْ جُنَاحٌ بَعْدَهُنَّ ۚ طَوَّافُونَ عَلَيْكُمْ بَعْضُكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الْآيَاتِ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
اي ايمان وارؤ! اوھان جي ٻانَھن کي ۽ جيڪي اوھان (جي ٻارن) مان بلوغت کي نہ پُھتا آھن، تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند جو جڏھن اوھين پنھنجا ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اِھي) اوھان لاءِ ٽي اوگھڙ (جا وقت) آھن، اُنھن (وقتن) کان پوءِ (ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ ۾) نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اوھين ھڪٻئي تي ھر ھر ڦرندڙ گھرندڙ آھيو اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
وَإِذَا بَلَغَ الْأَطْفَالُ مِنْكُمُ الْحُلُمَ فَلْيَسْتَأْذِنُوا كَمَا اسْتَأْذَنَ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمْ آيَاتِهِ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن، تڏھن کين اھڙيءَ طرح موڪل وٺڻ گھرجي، جھڙيءَ طرح انھن (ڇوڪرن) جا اڳيان (يعني وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
وَالْقَوَاعِدُ مِنَ النِّسَاءِ اللَّاتِي لَا يَرْجُونَ نِكَاحًا فَلَيْسَ عَلَيْهِنَّ جُنَاحٌ أَنْ يَضَعْنَ ثِيَابَهُنَّ غَيْرَ مُتَبَرِّجَاتٍ بِزِينَةٍ ۖ وَأَنْ يَسْتَعْفِفْنَ خَيْرٌ لَهُنَّ ۗ وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
۽ جيڪي ٻڍيون زائفون پرڻي جو ڪو آسرو نہ رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نہ ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نہ ڍڪين تہ مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان بہ) بچن تہ اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: