Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #58 Translated in Sindhi

قُلْ أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ ۖ فَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْهِ مَا حُمِّلَ وَعَلَيْكُمْ مَا حُمِّلْتُمْ ۖ وَإِنْ تُطِيعُوهُ تَهْتَدُوا ۚ وَمَا عَلَى الرَّسُولِ إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ
چئو تہ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ تہ جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو، تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو، (تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق) اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ تہ ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ (لازم) آھي
وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا مِنْكُمْ وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فِي الْأَرْضِ كَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُمْ دِينَهُمُ الَّذِي ارْتَضَىٰ لَهُمْ وَلَيُبَدِّلَنَّهُمْ مِنْ بَعْدِ خَوْفِهِمْ أَمْنًا ۚ يَعْبُدُونَنِي لَا يُشْرِكُونَ بِي شَيْئًا ۚ وَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله انجام ڏنو آھي تہ مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو، جيئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن اُنھيءَ دين کي جو اُنھن واسطي پسند ڪيو اٿس، اُنھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندن خوف کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا (۽) مون سان ڪنھن شئي کي شريڪ نہ ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن
وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
لَا تَحْسَبَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا مُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ ۚ وَمَأْوَاهُمُ النَّارُ ۖ وَلَبِئْسَ الْمَصِيرُ
ڪافرن کي نہ ڀانءِ تہ زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، البتہ اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لِيَسْتَأْذِنْكُمُ الَّذِينَ مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ وَالَّذِينَ لَمْ يَبْلُغُوا الْحُلُمَ مِنْكُمْ ثَلَاثَ مَرَّاتٍ ۚ مِنْ قَبْلِ صَلَاةِ الْفَجْرِ وَحِينَ تَضَعُونَ ثِيَابَكُمْ مِنَ الظَّهِيرَةِ وَمِنْ بَعْدِ صَلَاةِ الْعِشَاءِ ۚ ثَلَاثُ عَوْرَاتٍ لَكُمْ ۚ لَيْسَ عَلَيْكُمْ وَلَا عَلَيْهِمْ جُنَاحٌ بَعْدَهُنَّ ۚ طَوَّافُونَ عَلَيْكُمْ بَعْضُكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الْآيَاتِ ۗ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
اي ايمان وارؤ! اوھان جي ٻانَھن کي ۽ جيڪي اوھان (جي ٻارن) مان بلوغت کي نہ پُھتا آھن، تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند جو جڏھن اوھين پنھنجا ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اِھي) اوھان لاءِ ٽي اوگھڙ (جا وقت) آھن، اُنھن (وقتن) کان پوءِ (ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ ۾) نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اوھين ھڪٻئي تي ھر ھر ڦرندڙ گھرندڙ آھيو اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

Choose other languages: