Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #52 Translated in Sindhi

فَلَمَّا جَاءَهُمُ الْحَقُّ مِنْ عِنْدِنَا قَالُوا لَوْلَا أُوتِيَ مِثْلَ مَا أُوتِيَ مُوسَىٰ ۚ أَوَلَمْ يَكْفُرُوا بِمَا أُوتِيَ مُوسَىٰ مِنْ قَبْلُ ۖ قَالُوا سِحْرَانِ تَظَاهَرَا وَقَالُوا إِنَّا بِكُلٍّ كَافِرُونَ
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو، (تنھن مھل) چوڻ لڳا تہ، جھڙو (معجزو) موسىٰ کي ڏنو ويو، تھڙو ھن پيغمبر کي ڇو نہ ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي موسىٰ کي ڏنو ويو، تنھن جو انڪار نہ ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا تہ (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا تہ اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون
قُلْ فَأْتُوا بِكِتَابٍ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ هُوَ أَهْدَىٰ مِنْهُمَا أَتَّبِعْهُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
(کين) چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو، جو اُھو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي تہ اُن جي تابعداري ڪريان
فَإِنْ لَمْ يَسْتَجِيبُوا لَكَ فَاعْلَمْ أَنَّمَا يَتَّبِعُونَ أَهْوَاءَهُمْ ۚ وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوَاهُ بِغَيْرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نہ ڪن تہ ڄاڻ تہ اُھي رڳو پنھنجن سَڌُن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجيءَ سَڌ تي ھلي، تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
وَلَقَدْ وَصَّلْنَا لَهُمُ الْقَوْلَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
الَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِهِ هُمْ بِهِ يُؤْمِنُونَ
جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو اٿئون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن

Choose other languages: