Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #55 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ وَصَّلْنَا لَهُمُ الْقَوْلَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
الَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِهِ هُمْ بِهِ يُؤْمِنُونَ
جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو اٿئون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن
وَإِذَا يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ قَالُوا آمَنَّا بِهِ إِنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَبِّنَا إِنَّا كُنَّا مِنْ قَبْلِهِ مُسْلِمِينَ
۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي، (تڏھن) چوندا آھن تہ اُن تي ايمان آندوسون، بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي، بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھئاسون
أُولَٰئِكَ يُؤْتَوْنَ أَجْرَهُمْ مَرَّتَيْنِ بِمَا صَبَرُوا وَيَدْرَءُونَ بِالْحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمَّا رَزَقْنَاهُمْ يُنْفِقُونَ
اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻہ ڀيرا ڏبو، انھيءَ ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائيءَ سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿئون تنھن مان خرچيندا آھن
وَإِذَا سَمِعُوا اللَّغْوَ أَعْرَضُوا عَنْهُ وَقَالُوا لَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ سَلَامٌ عَلَيْكُمْ لَا نَبْتَغِي الْجَاهِلِينَ
۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ اسان جا عمل اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا عمل اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، (اسين) جاھلن (جي سنگت) کي نہ ٿا گھرون

Choose other languages: