Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #57 Translated in Sindhi

وَإِذَا يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ قَالُوا آمَنَّا بِهِ إِنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَبِّنَا إِنَّا كُنَّا مِنْ قَبْلِهِ مُسْلِمِينَ
۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي، (تڏھن) چوندا آھن تہ اُن تي ايمان آندوسون، بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي، بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھئاسون
أُولَٰئِكَ يُؤْتَوْنَ أَجْرَهُمْ مَرَّتَيْنِ بِمَا صَبَرُوا وَيَدْرَءُونَ بِالْحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمَّا رَزَقْنَاهُمْ يُنْفِقُونَ
اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻہ ڀيرا ڏبو، انھيءَ ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائيءَ سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿئون تنھن مان خرچيندا آھن
وَإِذَا سَمِعُوا اللَّغْوَ أَعْرَضُوا عَنْهُ وَقَالُوا لَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ سَلَامٌ عَلَيْكُمْ لَا نَبْتَغِي الْجَاهِلِينَ
۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ اسان جا عمل اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا عمل اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، (اسين) جاھلن (جي سنگت) کي نہ ٿا گھرون
إِنَّكَ لَا تَهْدِي مَنْ أَحْبَبْتَ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ يَهْدِي مَنْ يَشَاءُ ۚ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ
(اي پيغمبر!) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نہ ٿو سگھين، پر الله جنھن کي گھرندو آھي، تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو آھي
وَقَالُوا إِنْ نَتَّبِعِ الْهُدَىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّفْ مِنْ أَرْضِنَا ۚ أَوَلَمْ نُمَكِّنْ لَهُمْ حَرَمًا آمِنًا يُجْبَىٰ إِلَيْهِ ثَمَرَاتُ كُلِّ شَيْءٍ رِزْقًا مِنْ لَدُنَّا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
۽ (ڪي) چوندا آھن تہ جيڪڏھن تو ساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون تہ پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نہ ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي، پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نہ ڄاڻندا آھن

Choose other languages: