Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #53 Translated in Sindhi

قُلْ فَأْتُوا بِكِتَابٍ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ هُوَ أَهْدَىٰ مِنْهُمَا أَتَّبِعْهُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
(کين) چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو، جو اُھو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي تہ اُن جي تابعداري ڪريان
فَإِنْ لَمْ يَسْتَجِيبُوا لَكَ فَاعْلَمْ أَنَّمَا يَتَّبِعُونَ أَهْوَاءَهُمْ ۚ وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوَاهُ بِغَيْرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نہ ڪن تہ ڄاڻ تہ اُھي رڳو پنھنجن سَڌُن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجيءَ سَڌ تي ھلي، تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
وَلَقَدْ وَصَّلْنَا لَهُمُ الْقَوْلَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
الَّذِينَ آتَيْنَاهُمُ الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِهِ هُمْ بِهِ يُؤْمِنُونَ
جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو اٿئون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن
وَإِذَا يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ قَالُوا آمَنَّا بِهِ إِنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَبِّنَا إِنَّا كُنَّا مِنْ قَبْلِهِ مُسْلِمِينَ
۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي، (تڏھن) چوندا آھن تہ اُن تي ايمان آندوسون، بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي، بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھئاسون

Choose other languages: