Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #51 Translated in Sindhi

وَلَوْلَا أَنْ تُصِيبَهُمْ مُصِيبَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ فَيَقُولُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ وَنَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
۽ جيڪڏھن ايئن نہ ھجي ھا تہ سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي، تنھن جي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي، تڏھن (متان) چون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇو نہ موڪليئي تہ تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (تہ تو کي نہ موڪليون ھا)
فَلَمَّا جَاءَهُمُ الْحَقُّ مِنْ عِنْدِنَا قَالُوا لَوْلَا أُوتِيَ مِثْلَ مَا أُوتِيَ مُوسَىٰ ۚ أَوَلَمْ يَكْفُرُوا بِمَا أُوتِيَ مُوسَىٰ مِنْ قَبْلُ ۖ قَالُوا سِحْرَانِ تَظَاهَرَا وَقَالُوا إِنَّا بِكُلٍّ كَافِرُونَ
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو، (تنھن مھل) چوڻ لڳا تہ، جھڙو (معجزو) موسىٰ کي ڏنو ويو، تھڙو ھن پيغمبر کي ڇو نہ ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي موسىٰ کي ڏنو ويو، تنھن جو انڪار نہ ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا تہ (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا تہ اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون
قُلْ فَأْتُوا بِكِتَابٍ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ هُوَ أَهْدَىٰ مِنْهُمَا أَتَّبِعْهُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
(کين) چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو، جو اُھو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي تہ اُن جي تابعداري ڪريان
فَإِنْ لَمْ يَسْتَجِيبُوا لَكَ فَاعْلَمْ أَنَّمَا يَتَّبِعُونَ أَهْوَاءَهُمْ ۚ وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوَاهُ بِغَيْرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نہ ڪن تہ ڄاڻ تہ اُھي رڳو پنھنجن سَڌُن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجيءَ سَڌ تي ھلي، تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
وَلَقَدْ وَصَّلْنَا لَهُمُ الْقَوْلَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن

Choose other languages: