Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #65 Translated in Sindhi

وَإِذَا جَاءُوكُمْ قَالُوا آمَنَّا وَقَدْ دَخَلُوا بِالْكُفْرِ وَهُمْ قَدْ خَرَجُوا بِهِ ۚ وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا كَانُوا يَكْتُمُونَ
۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن تہ ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان اندر ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ٻاھر ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي
وَتَرَىٰ كَثِيرًا مِنْهُمْ يُسَارِعُونَ فِي الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ ۚ لَبِئْسَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ (اي پيغمبر!) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو تہ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پنھنجي حرام خوريءَ ۾ تڪڙ ڪندا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي
لَوْلَا يَنْهَاهُمُ الرَّبَّانِيُّونَ وَالْأَحْبَارُ عَنْ قَوْلِهِمُ الْإِثْمَ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ ۚ لَبِئْسَ مَا كَانُوا يَصْنَعُونَ
الله وارا ۽ عالم کين سندن ڪُوڙ ڳالھائڻ ۽ سندن حرام خوريءَ کان ڇو نہ جھليندا آھن؟ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي
وَقَالَتِ الْيَهُودُ يَدُ اللَّهِ مَغْلُولَةٌ ۚ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُوا بِمَا قَالُوا ۘ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ يُنْفِقُ كَيْفَ يَشَاءُ ۚ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِنْهُمْ مَا أُنْزِلَ إِلَيْكَ مِنْ رَبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا ۚ وَأَلْقَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ كُلَّمَا أَوْقَدُوا نَارًا لِلْحَرْبِ أَطْفَأَهَا اللَّهُ ۚ وَيَسْعَوْنَ فِي الْأَرْضِ فَسَادًا ۚ وَاللَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ
۽ يھودي چوندا آھن تہ الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن! ۽ جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نہ آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جيئن وڻندو اٿس تيئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرماني ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نہ رکندو آھي
وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ الْكِتَابِ آمَنُوا وَاتَّقَوْا لَكَفَّرْنَا عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَلَأَدْخَلْنَاهُمْ جَنَّاتِ النَّعِيمِ
۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا تہ سندن گناھ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا

Choose other languages: