Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #9 Translated in Sindhi

5:5
الْيَوْمَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ ۖ وَطَعَامُ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ حِلٌّ لَكُمْ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَهُمْ ۖ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الْمُؤْمِنَاتِ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِكُمْ إِذَا آتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ مُحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَافِحِينَ وَلَا مُتَّخِذِي أَخْدَانٍ ۗ وَمَنْ يَكْفُرْ بِالْإِيمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِي الْآخِرَةِ مِنَ الْخَاسِرِينَ
اڄ اوھان لاءِ سُٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (بہ) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام اُنھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪ دامنيون مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪ دامنيون جڏھن پرڻو ڪندڙ، نہ زنا ڪندڙ ۽ نہ ڳجھي آشنائي رکندڙ، ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (تہ حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھن جو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ خساري وارن مان آھي
5:6
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا قُمْتُمْ إِلَى الصَّلَاةِ فَاغْسِلُوا وُجُوهَكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ إِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوا بِرُءُوسِكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ إِلَى الْكَعْبَيْنِ ۚ وَإِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوا ۚ وَإِنْ كُنْتُمْ مَرْضَىٰ أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ أَوْ جَاءَ أَحَدٌ مِنْكُمْ مِنَ الْغَائِطِ أَوْ لَامَسْتُمُ النِّسَاءَ فَلَمْ تَجِدُوا مَاءً فَتَيَمَّمُوا صَعِيدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوا بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ مِنْهُ ۚ مَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِنْ حَرَجٍ وَلَٰكِنْ يُرِيدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
اي ايمان وارؤ! جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنُبي (يعني مٿي ميرا) ھجو تہ پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانہ مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نہ لھو تہ پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نہ گھرندو آھي پر گھُرندو آھي تہ اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري منَ اوھين شڪرانو ڪريو
5:7
وَاذْكُرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَمِيثَاقَهُ الَّذِي وَاثَقَكُمْ بِهِ إِذْ قُلْتُمْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو انجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (بہ ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو تہ ٻڌوسون ۽ مڃيوسون (تڏھن وري نہ ڦرو)، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
5:8
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُونُوا قَوَّامِينَ لِلَّهِ شُهَدَاءَ بِالْقِسْطِ ۖ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ عَلَىٰ أَلَّا تَعْدِلُوا ۚ اعْدِلُوا هُوَ أَقْرَبُ لِلتَّقْوَىٰ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
اي ايمان وارؤ! الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ٿي انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿيو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي ڪرڻ تي نہ ڇڪي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
5:9
وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ ۙ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ عَظِيمٌ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي تہ اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي

Choose other languages: