Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #11 Translated in Sindhi

5:7
وَاذْكُرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَمِيثَاقَهُ الَّذِي وَاثَقَكُمْ بِهِ إِذْ قُلْتُمْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو انجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (بہ ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو تہ ٻڌوسون ۽ مڃيوسون (تڏھن وري نہ ڦرو)، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي
5:8
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُونُوا قَوَّامِينَ لِلَّهِ شُهَدَاءَ بِالْقِسْطِ ۖ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ عَلَىٰ أَلَّا تَعْدِلُوا ۚ اعْدِلُوا هُوَ أَقْرَبُ لِلتَّقْوَىٰ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
اي ايمان وارؤ! الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ٿي انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿيو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي ڪرڻ تي نہ ڇڪي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي
5:9
وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ ۙ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ عَظِيمٌ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي تہ اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ هَمَّ قَوْمٌ أَنْ يَبْسُطُوا إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ
اي ايمان وارؤ! الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندن ھَٿَ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ مؤمن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ جڳائي

Choose other languages: