Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #14 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ هَمَّ قَوْمٌ أَنْ يَبْسُطُوا إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ
اي ايمان وارؤ! الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندن ھَٿَ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ مؤمن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ جڳائي
وَلَقَدْ أَخَذَ اللَّهُ مِيثَاقَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيبًا ۖ وَقَالَ اللَّهُ إِنِّي مَعَكُمْ ۖ لَئِنْ أَقَمْتُمُ الصَّلَاةَ وَآتَيْتُمُ الزَّكَاةَ وَآمَنْتُمْ بِرُسُلِي وَعَزَّرْتُمُوهُمْ وَأَقْرَضْتُمُ اللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَلَأُدْخِلَنَّكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۚ فَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذَٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ
۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو تہ بيشڪ آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيوَ ۽ زڪوٰة ڏنوَ ۽ منھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيوَ ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ تہ اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن، سو وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان ڀُلو
فَبِمَا نَقْضِهِمْ مِيثَاقَهُمْ لَعَنَّاهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوبَهُمْ قَاسِيَةً ۖ يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ عَنْ مَوَاضِعِهِ ۙ وَنَسُوا حَظًّا مِمَّا ذُكِّرُوا بِهِ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلَىٰ خَائِنَةٍ مِنْهُمْ إِلَّا قَلِيلًا مِنْهُمْ ۖ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ سببان مٿن لعنت ڪئي سون ۽ سندين دلين کي سخت ڪيوسون، (اُھي توريت ۾ ڪن) لفظن کي پنھنجين جاين کان بدلائين ٿا ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وئي ھين تنھن مان ڪجھ حصو وساريائون، ۽ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ اُنھن (سڀني) جي (ھڪ نہ ٻيءَ) خيانت تي ھميشہ واقف ٿيندو رھندين تنھنڪري کين معاف ڪر ۽ مُڙي وڃ، ڇو تہ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي
وَمِنَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّا نَصَارَىٰ أَخَذْنَا مِيثَاقَهُمْ فَنَسُوا حَظًّا مِمَّا ذُكِّرُوا بِهِ فَأَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِمَا كَانُوا يَصْنَعُونَ
۽ جيڪي چون ٿا تہ اسين نصارىٰ آھيون تن کان (بہ) سندن انجام ورتوسون پوءِ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي ھين تنھن مان (ڪجھ) ڀاڱو وساريائون، اِنھيءَ ڪري سندن وچ ۾ دشمني ۽ ساڙ قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون ۽، جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو

Choose other languages: