Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #105 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَسْأَلُوا عَنْ أَشْيَاءَ إِنْ تُبْدَ لَكُمْ تَسُؤْكُمْ وَإِنْ تَسْأَلُوا عَنْهَا حِينَ يُنَزَّلُ الْقُرْآنُ تُبْدَ لَكُمْ عَفَا اللَّهُ عَنْهَا ۗ وَاللَّهُ غَفُورٌ حَلِيمٌ
اي ايمان وارؤ! انھن شين بابت سوال نہ ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي تہ اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو تہ اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي
قَدْ سَأَلَهَا قَوْمٌ مِنْ قَبْلِكُمْ ثُمَّ أَصْبَحُوا بِهَا كَافِرِينَ
بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر سمجھائڻ تي) وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا
مَا جَعَلَ اللَّهُ مِنْ بَحِيرَةٍ وَلَا سَائِبَةٍ وَلَا وَصِيلَةٍ وَلَا حَامٍ ۙ وَلَٰكِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا يَفْتَرُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ ۖ وَأَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
الله نڪي بحيره ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مقرر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا إِلَىٰ مَا أَنْزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسُولِ قَالُوا حَسْبُنَا مَا وَجَدْنَا عَلَيْهِ آبَاءَنَا ۚ أَوَلَوْ كَانَ آبَاؤُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ شَيْئًا وَلَا يَهْتَدُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن تہ جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان لاءِ ڪافي آھي، جيتوڻيڪ سندن اَبا ڏاڏا ڪجھ نہ ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا؟
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا عَلَيْكُمْ أَنْفُسَكُمْ ۖ لَا يَضُرُّكُمْ مَنْ ضَلَّ إِذَا اهْتَدَيْتُمْ ۚ إِلَى اللَّهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا فَيُنَبِّئُكُمْ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
اي مؤمنؤ! اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي نقصان نہ رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو

Choose other languages: