Surah Al-Kahf Ayahs #26 Translated in Sindhi
سَيَقُولُونَ ثَلَاثَةٌ رَابِعُهُمْ كَلْبُهُمْ وَيَقُولُونَ خَمْسَةٌ سَادِسُهُمْ كَلْبُهُمْ رَجْمًا بِالْغَيْبِ ۖ وَيَقُولُونَ سَبْعَةٌ وَثَامِنُهُمْ كَلْبُهُمْ ۚ قُلْ رَبِّي أَعْلَمُ بِعِدَّتِهِمْ مَا يَعْلَمُهُمْ إِلَّا قَلِيلٌ ۗ فَلَا تُمَارِ فِيهِمْ إِلَّا مِرَاءً ظَاهِرًا وَلَا تَسْتَفْتِ فِيهِمْ مِنْهُمْ أَحَدًا
(ڪي) چوندا تہ (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا تہ پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ (ڪي) چوندا تہ ست آھن اَٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر!) چئو تہ سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي اُنھن کي رڳا ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ اُنھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نہ ڪر، ۽ نڪي اُنھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر
وَلَا تَقُولَنَّ لِشَيْءٍ إِنِّي فَاعِلٌ ذَٰلِكَ غَدًا
۽ ڪنھن ڪم لاءِ ھر گز نہ چئو تہ آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس
إِلَّا أَنْ يَشَاءَ اللَّهُ ۚ وَاذْكُرْ رَبَّكَ إِذَا نَسِيتَ وَقُلْ عَسَىٰ أَنْ يَهْدِيَنِ رَبِّي لِأَقْرَبَ مِنْ هَٰذَا رَشَدًا
مگر (چئو) انشاءَ الله، ۽ جڏھن وسارين (تڏھن) پنھنجي رب کي ياد ڪر ۽ چئو تہ سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان بہ وڌيڪ ويجھو سڌو رستو مونکي ڏيکاريندو
وَلَبِثُوا فِي كَهْفِهِمْ ثَلَاثَ مِائَةٍ سِنِينَ وَازْدَادُوا تِسْعًا
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سوَن ورھين کان نوَ ورھيہ وڌيڪ رھيا
قُلِ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوا ۖ لَهُ غَيْبُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ أَبْصِرْ بِهِ وَأَسْمِعْ ۚ مَا لَهُمْ مِنْ دُونِهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا يُشْرِكُ فِي حُكْمِهِ أَحَدًا
چئو تہ جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي! اُن کانسواءِ ڪو اُنھن جو مددگار نہ آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نہ ڪندو آھي
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
