Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #29 Translated in Sindhi

وَلَبِثُوا فِي كَهْفِهِمْ ثَلَاثَ مِائَةٍ سِنِينَ وَازْدَادُوا تِسْعًا
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سوَن ورھين کان نوَ ورھيہ وڌيڪ رھيا
قُلِ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوا ۖ لَهُ غَيْبُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ أَبْصِرْ بِهِ وَأَسْمِعْ ۚ مَا لَهُمْ مِنْ دُونِهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا يُشْرِكُ فِي حُكْمِهِ أَحَدًا
چئو تہ جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي! اُن کانسواءِ ڪو اُنھن جو مددگار نہ آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نہ ڪندو آھي
وَاتْلُ مَا أُوحِيَ إِلَيْكَ مِنْ كِتَابِ رَبِّكَ ۖ لَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَاتِهِ وَلَنْ تَجِدَ مِنْ دُونِهِ مُلْتَحَدًا
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نہ آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نہ لھندين
وَاصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِينَ يَدْعُونَ رَبَّهُمْ بِالْغَدَاةِ وَالْعَشِيِّ يُرِيدُونَ وَجْهَهُ ۖ وَلَا تَعْدُ عَيْنَاكَ عَنْهُمْ تُرِيدُ زِينَةَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ وَلَا تُطِعْ مَنْ أَغْفَلْنَا قَلْبَهُ عَنْ ذِكْرِنَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ وَكَانَ أَمْرُهُ فُرُطًا
۽ پاڻ کي اُنھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن سندس رضامندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي تہ) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي اُنھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نہ واجھائين، ۽ اُنھيءَ جي فرمانبرداري نہ ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي
وَقُلِ الْحَقُّ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ فَمَنْ شَاءَ فَلْيُؤْمِنْ وَمَنْ شَاءَ فَلْيَكْفُرْ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ نَارًا أَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَا ۚ وَإِنْ يَسْتَغِيثُوا يُغَاثُوا بِمَاءٍ كَالْمُهْلِ يَشْوِي الْوُجُوهَ ۚ بِئْسَ الشَّرَابُ وَسَاءَتْ مُرْتَفَقًا
۽ چئو تہ (اِھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نہ مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي ۽ اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا تہ اُنھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀُڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي

Choose other languages: