Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #27 Translated in Sindhi

وَلَا تَقُولَنَّ لِشَيْءٍ إِنِّي فَاعِلٌ ذَٰلِكَ غَدًا
۽ ڪنھن ڪم لاءِ ھر گز نہ چئو تہ آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس
إِلَّا أَنْ يَشَاءَ اللَّهُ ۚ وَاذْكُرْ رَبَّكَ إِذَا نَسِيتَ وَقُلْ عَسَىٰ أَنْ يَهْدِيَنِ رَبِّي لِأَقْرَبَ مِنْ هَٰذَا رَشَدًا
مگر (چئو) انشاءَ الله، ۽ جڏھن وسارين (تڏھن) پنھنجي رب کي ياد ڪر ۽ چئو تہ سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان بہ وڌيڪ ويجھو سڌو رستو مونکي ڏيکاريندو
وَلَبِثُوا فِي كَهْفِهِمْ ثَلَاثَ مِائَةٍ سِنِينَ وَازْدَادُوا تِسْعًا
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سوَن ورھين کان نوَ ورھيہ وڌيڪ رھيا
قُلِ اللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوا ۖ لَهُ غَيْبُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ أَبْصِرْ بِهِ وَأَسْمِعْ ۚ مَا لَهُمْ مِنْ دُونِهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا يُشْرِكُ فِي حُكْمِهِ أَحَدًا
چئو تہ جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي! اُن کانسواءِ ڪو اُنھن جو مددگار نہ آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نہ ڪندو آھي
وَاتْلُ مَا أُوحِيَ إِلَيْكَ مِنْ كِتَابِ رَبِّكَ ۖ لَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَاتِهِ وَلَنْ تَجِدَ مِنْ دُونِهِ مُلْتَحَدًا
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نہ آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نہ لھندين

Choose other languages: