Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #26 Translated in Sindhi

يَوْمَ يَرَوْنَ الْمَلَائِكَةَ لَا بُشْرَىٰ يَوْمَئِذٍ لِلْمُجْرِمِينَ وَيَقُولُونَ حِجْرًا مَحْجُورًا
جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نہ آھي ۽ چوندا تہ (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو!
وَقَدِمْنَا إِلَىٰ مَا عَمِلُوا مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَاهُ هَبَاءً مَنْثُورًا
۽ جيڪو بہ عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين رخ ڪنداسون، پوءِ اُن کي اڏاميل ڌوڙ ڪري ڇڏينداسون
أَصْحَابُ الْجَنَّةِ يَوْمَئِذٍ خَيْرٌ مُسْتَقَرًّا وَأَحْسَنُ مَقِيلًا
اُنھيءَ ڏينھن بھشتن جي رھڻ جي جاءِ تمام ڀلي ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ بہ تمام سھڻي ھوندي
وَيَوْمَ تَشَقَّقُ السَّمَاءُ بِالْغَمَامِ وَنُزِّلَ الْمَلَائِكَةُ تَنْزِيلًا
۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا
الْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ لِلرَّحْمَٰنِ ۚ وَكَانَ يَوْمًا عَلَى الْكَافِرِينَ عَسِيرًا
اُن ڏينھن سچي حڪومت ٻاجھاري (الله) جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو

Choose other languages: