Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #25 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا لَوْلَا أُنْزِلَ عَلَيْنَا الْمَلَائِكَةُ أَوْ نَرَىٰ رَبَّنَا ۗ لَقَدِ اسْتَكْبَرُوا فِي أَنْفُسِهِمْ وَعَتَوْا عُتُوًّا كَبِيرًا
۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن سي چوندا آھن تہ اسان تي ڇو نہ ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نہ ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن دلين (نفسن) ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون
يَوْمَ يَرَوْنَ الْمَلَائِكَةَ لَا بُشْرَىٰ يَوْمَئِذٍ لِلْمُجْرِمِينَ وَيَقُولُونَ حِجْرًا مَحْجُورًا
جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نہ آھي ۽ چوندا تہ (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو!
وَقَدِمْنَا إِلَىٰ مَا عَمِلُوا مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَاهُ هَبَاءً مَنْثُورًا
۽ جيڪو بہ عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين رخ ڪنداسون، پوءِ اُن کي اڏاميل ڌوڙ ڪري ڇڏينداسون
أَصْحَابُ الْجَنَّةِ يَوْمَئِذٍ خَيْرٌ مُسْتَقَرًّا وَأَحْسَنُ مَقِيلًا
اُنھيءَ ڏينھن بھشتن جي رھڻ جي جاءِ تمام ڀلي ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ بہ تمام سھڻي ھوندي
وَيَوْمَ تَشَقَّقُ السَّمَاءُ بِالْغَمَامِ وَنُزِّلَ الْمَلَائِكَةُ تَنْزِيلًا
۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا

Choose other languages: