Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #28 Translated in Sindhi

أَصْحَابُ الْجَنَّةِ يَوْمَئِذٍ خَيْرٌ مُسْتَقَرًّا وَأَحْسَنُ مَقِيلًا
اُنھيءَ ڏينھن بھشتن جي رھڻ جي جاءِ تمام ڀلي ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ بہ تمام سھڻي ھوندي
وَيَوْمَ تَشَقَّقُ السَّمَاءُ بِالْغَمَامِ وَنُزِّلَ الْمَلَائِكَةُ تَنْزِيلًا
۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا
الْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ لِلرَّحْمَٰنِ ۚ وَكَانَ يَوْمًا عَلَى الْكَافِرِينَ عَسِيرًا
اُن ڏينھن سچي حڪومت ٻاجھاري (الله) جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو
وَيَوْمَ يَعَضُّ الظَّالِمُ عَلَىٰ يَدَيْهِ يَقُولُ يَا لَيْتَنِي اتَّخَذْتُ مَعَ الرَّسُولِ سَبِيلًا
۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چَٻيندو چوندو تہ، ھاءِ اَرمان! (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا! (تہ چڱو ھو)
يَا وَيْلَتَىٰ لَيْتَنِي لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا
ھاءِ ھاءِ ارمان! جيڪر فلاڻي کي دوست نہ وٺان ھا

Choose other languages: