Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #31 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ يَعَضُّ الظَّالِمُ عَلَىٰ يَدَيْهِ يَقُولُ يَا لَيْتَنِي اتَّخَذْتُ مَعَ الرَّسُولِ سَبِيلًا
۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چَٻيندو چوندو تہ، ھاءِ اَرمان! (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا! (تہ چڱو ھو)
يَا وَيْلَتَىٰ لَيْتَنِي لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا
ھاءِ ھاءِ ارمان! جيڪر فلاڻي کي دوست نہ وٺان ھا
لَقَدْ أَضَلَّنِي عَنِ الذِّكْرِ بَعْدَ إِذْ جَاءَنِي ۗ وَكَانَ الشَّيْطَانُ لِلْإِنْسَانِ خَذُولًا
بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن کانپوءِ ھن مون کي اُن کان گمراھ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي
وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَٰذَا الْقُرْآنَ مَهْجُورًا
۽ پيغمبر چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو
وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِيٍّ عَدُوًّا مِنَ الْمُجْرِمِينَ ۗ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ هَادِيًا وَنَصِيرًا
۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي

Choose other languages: