Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #32 Translated in Sindhi

يَا وَيْلَتَىٰ لَيْتَنِي لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا
ھاءِ ھاءِ ارمان! جيڪر فلاڻي کي دوست نہ وٺان ھا
لَقَدْ أَضَلَّنِي عَنِ الذِّكْرِ بَعْدَ إِذْ جَاءَنِي ۗ وَكَانَ الشَّيْطَانُ لِلْإِنْسَانِ خَذُولًا
بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن کانپوءِ ھن مون کي اُن کان گمراھ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي
وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَٰذَا الْقُرْآنَ مَهْجُورًا
۽ پيغمبر چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو
وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِيٍّ عَدُوًّا مِنَ الْمُجْرِمِينَ ۗ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ هَادِيًا وَنَصِيرًا
۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْلَا نُزِّلَ عَلَيْهِ الْقُرْآنُ جُمْلَةً وَاحِدَةً ۚ كَذَٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤَادَكَ ۖ وَرَتَّلْنَاهُ تَرْتِيلًا
۽ ڪافر چون ٿا تہ، پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ئي ڀيري ڇو نہ نازل ڪيو ويو؟ اھڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، تہ اُن سان تنھنجيءَ دل کي مضبوط ڪريون ۽ اُھو آھستي آھستي پڙھي ٻڌايوسون

Choose other languages: