Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #30 Translated in Sindhi

الْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ لِلرَّحْمَٰنِ ۚ وَكَانَ يَوْمًا عَلَى الْكَافِرِينَ عَسِيرًا
اُن ڏينھن سچي حڪومت ٻاجھاري (الله) جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو
وَيَوْمَ يَعَضُّ الظَّالِمُ عَلَىٰ يَدَيْهِ يَقُولُ يَا لَيْتَنِي اتَّخَذْتُ مَعَ الرَّسُولِ سَبِيلًا
۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چَٻيندو چوندو تہ، ھاءِ اَرمان! (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا! (تہ چڱو ھو)
يَا وَيْلَتَىٰ لَيْتَنِي لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا
ھاءِ ھاءِ ارمان! جيڪر فلاڻي کي دوست نہ وٺان ھا
لَقَدْ أَضَلَّنِي عَنِ الذِّكْرِ بَعْدَ إِذْ جَاءَنِي ۗ وَكَانَ الشَّيْطَانُ لِلْإِنْسَانِ خَذُولًا
بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن کانپوءِ ھن مون کي اُن کان گمراھ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي
وَقَالَ الرَّسُولُ يَا رَبِّ إِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوا هَٰذَا الْقُرْآنَ مَهْجُورًا
۽ پيغمبر چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو

Choose other languages: