Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #26 Translated in Sindhi

وَلَوْ قَاتَلَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوَلَّوُا الْأَدْبَارَ ثُمَّ لَا يَجِدُونَ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا
۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائين ھا، وري نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مددگار لھن ھا
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتِي قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلُ ۖ وَلَنْ تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبْدِيلًا
الله جو قانون (ايئن آھي) جو (ھن کان) اڳ ھليو ايندو آھي ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن ڪا ڦيرڦار نہ ڏسندين
وَهُوَ الَّذِي كَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ عَنْهُمْ بِبَطْنِ مَكَّةَ مِنْ بَعْدِ أَنْ أَظْفَرَكُمْ عَلَيْهِمْ ۚ وَكَانَ اللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان مڪي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ روڪيا ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن کي الله ڏسندڙ آھي
هُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَالْهَدْيَ مَعْكُوفًا أَنْ يَبْلُغَ مَحِلَّهُ ۚ وَلَوْلَا رِجَالٌ مُؤْمِنُونَ وَنِسَاءٌ مُؤْمِنَاتٌ لَمْ تَعْلَمُوهُمْ أَنْ تَطَئُوهُمْ فَتُصِيبَكُمْ مِنْهُمْ مَعَرَّةٌ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۖ لِيُدْخِلَ اللَّهُ فِي رَحْمَتِهِ مَنْ يَشَاءُ ۚ لَوْ تَزَيَّلُوا لَعَذَّبْنَا الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
اِھي (قريش) اُھي آھن، جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي مسجد حرام کان جھليو ۽ قربانيءَ کي بہ (جھلي ڇڏيائون) جو پنھنجيءَ جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نہ ھجن ھا، جن کي اوھان نہ ڄاڻندا آھيو، تہ (اِنھيءَ خيال ڪري) تہ (متان) کين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (تہ ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا!) (پر دير ھن ڪري آھي) تہ الله جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجيءَ ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا تہ ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب (جي) سزا ڏيون ھا
إِذْ جَعَلَ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي قُلُوبِهِمُ الْحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ فَأَنْزَلَ اللَّهُ سَكِينَتَهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ وَعَلَى الْمُؤْمِنِينَ وَأَلْزَمَهُمْ كَلِمَةَ التَّقْوَىٰ وَكَانُوا أَحَقَّ بِهَا وَأَهْلَهَا ۚ وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا
جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو، تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا لائق ھئا ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: