Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #25 Translated in Sindhi

وَأُخْرَىٰ لَمْ تَقْدِرُوا عَلَيْهَا قَدْ أَحَاطَ اللَّهُ بِهَا ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرًا
۽ ٻيون (بہ) جن تي قادر نہ ٿيا آھيو، بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَلَوْ قَاتَلَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوَلَّوُا الْأَدْبَارَ ثُمَّ لَا يَجِدُونَ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا
۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائين ھا، وري نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مددگار لھن ھا
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتِي قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلُ ۖ وَلَنْ تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبْدِيلًا
الله جو قانون (ايئن آھي) جو (ھن کان) اڳ ھليو ايندو آھي ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن ڪا ڦيرڦار نہ ڏسندين
وَهُوَ الَّذِي كَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ عَنْهُمْ بِبَطْنِ مَكَّةَ مِنْ بَعْدِ أَنْ أَظْفَرَكُمْ عَلَيْهِمْ ۚ وَكَانَ اللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان مڪي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ روڪيا ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن کي الله ڏسندڙ آھي
هُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَالْهَدْيَ مَعْكُوفًا أَنْ يَبْلُغَ مَحِلَّهُ ۚ وَلَوْلَا رِجَالٌ مُؤْمِنُونَ وَنِسَاءٌ مُؤْمِنَاتٌ لَمْ تَعْلَمُوهُمْ أَنْ تَطَئُوهُمْ فَتُصِيبَكُمْ مِنْهُمْ مَعَرَّةٌ بِغَيْرِ عِلْمٍ ۖ لِيُدْخِلَ اللَّهُ فِي رَحْمَتِهِ مَنْ يَشَاءُ ۚ لَوْ تَزَيَّلُوا لَعَذَّبْنَا الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
اِھي (قريش) اُھي آھن، جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي مسجد حرام کان جھليو ۽ قربانيءَ کي بہ (جھلي ڇڏيائون) جو پنھنجيءَ جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نہ ھجن ھا، جن کي اوھان نہ ڄاڻندا آھيو، تہ (اِنھيءَ خيال ڪري) تہ (متان) کين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (تہ ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا!) (پر دير ھن ڪري آھي) تہ الله جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجيءَ ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا تہ ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب (جي) سزا ڏيون ھا

Choose other languages: