Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #100 Translated in Sindhi

وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ الْقُرَىٰ آمَنُوا وَاتَّقَوْا لَفَتَحْنَا عَلَيْهِمْ بَرَكَاتٍ مِنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ وَلَٰكِنْ كَذَّبُوا فَأَخَذْنَاهُمْ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
۽ جيڪڏھن اُنھن ڳوٺن وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا تہ مٿن آسمانن ۽ زمين کان برڪتون ضرور کوليون ھا پر ڪوڙ ڀانيائون تنھنڪري اُنھن جيڪي ڪيو تنھن سببان کين پڪڙيوسون
أَفَأَمِنَ أَهْلُ الْقُرَىٰ أَنْ يَأْتِيَهُمْ بَأْسُنَا بَيَاتًا وَهُمْ نَائِمُونَ
ڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواھ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟
أَوَأَمِنَ أَهْلُ الْقُرَىٰ أَنْ يَأْتِيَهُمْ بَأْسُنَا ضُحًى وَهُمْ يَلْعَبُونَ
يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ڪندا ھجن؟
أَفَأَمِنُوا مَكْرَ اللَّهِ ۚ فَلَا يَأْمَنُ مَكْرَ اللَّهِ إِلَّا الْقَوْمُ الْخَاسِرُونَ
الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ٽوٽي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نہ ٿيندو آھي
أَوَلَمْ يَهْدِ لِلَّذِينَ يَرِثُونَ الْأَرْضَ مِنْ بَعْدِ أَهْلِهَا أَنْ لَوْ نَشَاءُ أَصَبْنَاهُمْ بِذُنُوبِهِمْ ۚ وَنَطْبَعُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جيڪي، مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نہ ٿيو آھي ڇا؟ تہ جيڪڏھن گُھرون ھا تہ کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھڻون ھا تہ اُھي نہ ٻڌن ھا

Choose other languages: