Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #102 Translated in Sindhi

أَوَأَمِنَ أَهْلُ الْقُرَىٰ أَنْ يَأْتِيَهُمْ بَأْسُنَا ضُحًى وَهُمْ يَلْعَبُونَ
يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ڪندا ھجن؟
أَفَأَمِنُوا مَكْرَ اللَّهِ ۚ فَلَا يَأْمَنُ مَكْرَ اللَّهِ إِلَّا الْقَوْمُ الْخَاسِرُونَ
الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ٽوٽي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نہ ٿيندو آھي
أَوَلَمْ يَهْدِ لِلَّذِينَ يَرِثُونَ الْأَرْضَ مِنْ بَعْدِ أَهْلِهَا أَنْ لَوْ نَشَاءُ أَصَبْنَاهُمْ بِذُنُوبِهِمْ ۚ وَنَطْبَعُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جيڪي، مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نہ ٿيو آھي ڇا؟ تہ جيڪڏھن گُھرون ھا تہ کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھڻون ھا تہ اُھي نہ ٻڌن ھا
تِلْكَ الْقُرَىٰ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنْبَائِهَا ۚ وَلَقَدْ جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا كَانُوا لِيُؤْمِنُوا بِمَا كَذَّبُوا مِنْ قَبْلُ ۚ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ اللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ الْكَافِرِينَ
(اي پيغمبر!) اِھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون تو کي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر چٽن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪٿي مڃيندا ھئا، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي
وَمَا وَجَدْنَا لِأَكْثَرِهِمْ مِنْ عَهْدٍ ۖ وَإِنْ وَجَدْنَا أَكْثَرَهُمْ لَفَاسِقِينَ
۽ منجھائن گھڻن کي انجام (تي پورو) نہ ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون

Choose other languages: