Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #84 Translated in Sindhi

وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَتَأْتُونَ الْفَاحِشَةَ مَا سَبَقَكُمْ بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِنَ الْعَالَمِينَ
۽ لوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين تہ اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ بہ نہ ڪئي آھي؟
إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ شَهْوَةً مِنْ دُونِ النِّسَاءِ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ مُسْرِفُونَ
جو اوھين عورتن کي ڇڏي نرن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
وَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِ إِلَّا أَنْ قَالُوا أَخْرِجُوهُمْ مِنْ قَرْيَتِكُمْ ۖ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
۽ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھُئي تہ اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇو تہ اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن
فَأَنْجَيْنَاهُ وَأَهْلَهُ إِلَّا امْرَأَتَهُ كَانَتْ مِنَ الْغَابِرِينَ
پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي
وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِمْ مَطَرًا ۖ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
۽ مٿن (پٿرن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس تہ ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي

Choose other languages: