Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #85 Translated in Sindhi

إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ شَهْوَةً مِنْ دُونِ النِّسَاءِ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ مُسْرِفُونَ
جو اوھين عورتن کي ڇڏي نرن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
وَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِ إِلَّا أَنْ قَالُوا أَخْرِجُوهُمْ مِنْ قَرْيَتِكُمْ ۖ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
۽ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھُئي تہ اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇو تہ اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن
فَأَنْجَيْنَاهُ وَأَهْلَهُ إِلَّا امْرَأَتَهُ كَانَتْ مِنَ الْغَابِرِينَ
پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي
وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِمْ مَطَرًا ۖ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
۽ مٿن (پٿرن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس تہ ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي
وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا ۗ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۖ قَدْ جَاءَتْكُمْ بَيِّنَةٌ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ فَأَوْفُوا الْكَيْلَ وَالْمِيزَانَ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ أَشْيَاءَهُمْ وَلَا تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَاحِهَا ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نہ ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نہ وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو تہ اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي

Choose other languages: