Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #199 Translated in Sindhi

أَلَهُمْ أَرْجُلٌ يَمْشُونَ بِهَا ۖ أَمْ لَهُمْ أَيْدٍ يَبْطِشُونَ بِهَا ۖ أَمْ لَهُمْ أَعْيُنٌ يُبْصِرُونَ بِهَا ۖ أَمْ لَهُمْ آذَانٌ يَسْمَعُونَ بِهَا ۗ قُلِ ادْعُوا شُرَكَاءَكُمْ ثُمَّ كِيدُونِ فَلَا تُنْظِرُونِ
اُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا اُنھن کي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چئو تہ (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ (جيڪا رٿ اچيوَ سا) رٿيو ۽ مون کي مُھلت نہ ڏيو
إِنَّ وَلِيِّيَ اللَّهُ الَّذِي نَزَّلَ الْكِتَابَ ۖ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصَّالِحِينَ
بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي
وَالَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِهِ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَكُمْ وَلَا أَنْفُسَهُمْ يَنْصُرُونَ
۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نہ سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن
وَإِنْ تَدْعُوهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ لَا يَسْمَعُوا ۖ وَتَرَاهُمْ يَنْظُرُونَ إِلَيْكَ وَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن اوھين اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو تہ ڪين ٻڌندا، ۽ کين ڏسندو آھين (تہ ڄڻ) تہ تو ڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نہ آھن
خُذِ الْعَفْوَ وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ الْجَاهِلِينَ
(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ

Choose other languages: