Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #202 Translated in Sindhi

وَإِنْ تَدْعُوهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ لَا يَسْمَعُوا ۖ وَتَرَاهُمْ يَنْظُرُونَ إِلَيْكَ وَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن اوھين اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو تہ ڪين ٻڌندا، ۽ کين ڏسندو آھين (تہ ڄڻ) تہ تو ڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نہ آھن
خُذِ الْعَفْوَ وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ الْجَاهِلِينَ
(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ
وَإِمَّا يَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۚ إِنَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان ڪو وسوسو پوي تہ الله کان پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
إِنَّ الَّذِينَ اتَّقَوْا إِذَا مَسَّهُمْ طَائِفٌ مِنَ الشَّيْطَانِ تَذَكَّرُوا فَإِذَا هُمْ مُبْصِرُونَ
جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل (دانائيءَ واري نظر سان) ڏسندڙ ٿيندا آھن
وَإِخْوَانُهُمْ يَمُدُّونَهُمْ فِي الْغَيِّ ثُمَّ لَا يُقْصِرُونَ
۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نہ گھٽائيندا آھن

Choose other languages: