Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #204 Translated in Sindhi

وَإِمَّا يَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۚ إِنَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان ڪو وسوسو پوي تہ الله کان پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
إِنَّ الَّذِينَ اتَّقَوْا إِذَا مَسَّهُمْ طَائِفٌ مِنَ الشَّيْطَانِ تَذَكَّرُوا فَإِذَا هُمْ مُبْصِرُونَ
جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل (دانائيءَ واري نظر سان) ڏسندڙ ٿيندا آھن
وَإِخْوَانُهُمْ يَمُدُّونَهُمْ فِي الْغَيِّ ثُمَّ لَا يُقْصِرُونَ
۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نہ گھٽائيندا آھن
وَإِذَا لَمْ تَأْتِهِمْ بِآيَةٍ قَالُوا لَوْلَا اجْتَبَيْتَهَا ۚ قُلْ إِنَّمَا أَتَّبِعُ مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ مِنْ رَبِّي ۚ هَٰذَا بَصَائِرُ مِنْ رَبِّكُمْ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن وٽن ڪا آيت نہ آڻيندو آھين (تڏھن) چوندا آھن تہ (پاڻ) ڇو نہ ٺاھيندو آھين؟ چئو تہ جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نہ ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اُنھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي
وَإِذَا قُرِئَ الْقُرْآنُ فَاسْتَمِعُوا لَهُ وَأَنْصِتُوا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (تڏھن) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو منَ ٻاجھ ڪجيوَ

Choose other languages: